Saturday, December 1, 2012

ڪالا باغ ڊيم جو جن جاڳي پيو


سڀني ساٿين کي سلام عرض آهي،
ساٿيومنهنجي ذهن ۾ اڄ ڪجه سوچون ۽ سوال گڏ ٿي ويا آهن آء بهتر سمجهي رهيو هوس ته پنهجن سڄڻن سان سليان مَنَ دل کي ڪو تسلي بخش جواب ملي پوي،
اصل عنوان کي ڏسي توهان سمجهي ويا هوندا ته آء ڇاٿو چوڻ چاهيان ڇو جو هن ٽهي کي جواني کان پوڙهي ٿيڻ تائين جيڪو اهم موضوع ڏسڻ ۾ آيو آهي ايا جيڪا سرگرمي سنڌ جي سرزمين تي هوش سنڀالڻ کان اڄ تائين نظر آئي آهي سا آهي ڪالا باغ ڊيم ڪالا باغ ڊيم نا منظورجا نعره جڏهن پٽي ۽ سليٽ کڻي اسڪول ويندا هئاسين تڏهن کان هڻندا ٿا اچون۽ هاڻي اسان جو اولاد جوين ٿي چڪو آهي پر اڄ به اهو ئي ڪالا باغ ڊيم نامنظور جا نعره گونججي رهيا آهن،
سنڌوء سان ٿيندڙ ناحق ۽ سنڌو ڪناري آباد لکين ڌرتي ڌڻي سان اقتداري ڌر جيڪي ويڌن ڪيا آهن اهي ڪنهن کان به ڳجها ڪونهن رهيا وري به ٿورو زڪر ڪندو ٿو هلان ته هٿ وٺي هڪ منظم منصوبي تحت سنڌ جا ڀاڱا ڪرڻ لاء پيپلز پارٽي کي مختلف دورن ۾ پروگرام ڏنو ويو ۽ بهترين ڪارڪردگي تي انهن کي وڏا وڏا لقب ڏنا ويا ۽ جڏهن انهن جو ڪم پورو ٿيندو رهيو ته انهن وڏن وڏن ڪردارن کي بيخوندو ڪري ماريو ويوبدلي ۾ سنڌ ڌرتي جي اصل وارثن کي بک بدحالي ۽ بيروزگاري جي باه ۾ اڇلايو ويو ۽ انهن جي جاء تي ڌارين کي سنڌ جو پورو نظام تحفي طور عطا ڪيو ويو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ قوت رکندڙ پاڪستاني فوج کي سنڌ جي ماڻهن تي مسلط ڪرڻ لاء سنڌ جي چئني ڪنڊن تي فوجي ڇانوڻيون ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ سنڌ جي سرحدي پٽيء تي پڻ انهن کي قبضو ڏنو ويو،۽ انهن فوج جي اعلي عملدارن هميشه سنڌ کي پنهجي جاگير سمجهي آزاديء سان ۽ آسانيء سان سنڌ جي ٿيل ڪندا رهيا ،پر انهن تي به انهن جو ڀڀ ڪو نه ڀريو ته انهن سنڌ کي پنهجي پاليل ڌاڙيلن جي پناه ۾ ڏئي لاقانونيت جو بول بالا رکي سنڌي ماڻهن کي هر وقت هيسايل رکيو،ايتري قدر جو سنڌ جو شهپريل جوان انهن کي ڌاڙيل نظر اچڻ لڳو ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ڪامريد ۽ پاڪستان جو دشمن ۽ معصوم هاري ناري جن جي جوان اولاد کي انهن جو پيء هجڻ جي صورت ۾ چٿيو ويو ته توهان جو اولاد پاڪستان جو دشمن آهي انهن جي سلامتي لاء خطرو آهي ان لاء هنن سنڌ جو گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وسطي واهڻ پنهجي ظلم جي عتاب ۾ رکيو ۽ سنڌ جي ماڻهوء کي سک جو ساه کڻڻ ڪو نه ڏنو، انهن حالتن کي ڏسي جڏهن به ڪنهن حقپرست حق جي ڳاله ڪئي ته ان کي مختلف بهانن سان جيل ياتريون ڪرائي جيلن ۾ ئي تذليل ڪري يا ان ڳاله تان هٿ کڻايو ويو يا انهن کي مارايو ويو،ان هوندي به حق جو نعرو بلن ٿيندو رهيو جنهن کي هنن وري ڪوڙن سيسدانن کي اسان جي مٿان مسلط ڪري بقايا پنهجا ڪم پوري ڪندا رهيا ،۽ سنڌ جي اصل سياسي طاقت کي هيٺ ڪندي هميشه پنهجي انهي فوٍج جي نگراني ۾ اليڪشنون ڪرائي پنهجي ئي پگهاردارڀوتارن کي سنڌي قوم جون واڳون ڏيندا رهياانهن جي انهيء شئي تي نظر رکندڙ قوم پرست هر دور ۾ انهن جي اکين ۾ ڪنڊن وانگر چبهندا رهيا پر اسان جو سنڌي مارو پنهجي ٻچن جي پيار ۽ شفقت ۾ انهن جي چالن کي سمجهي نه سگهيو ۽ پنهجي امن پسندانه ذهن سان زندگي جو گاڏو ڌڪيندا رهيا ۽ پنهجي ٻني ٻاري تي صبر شڪر سان گزارو ڪندا رهيا،
پر انهن جي شيطاني ذهن هن قوم ۽ ڌرتي جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو ايتريقدر جو هر معدنيات تي قبضي کان پوء انهن کي سنڌو جو پاڻي به اک ۾ کتل رهيو۽ اتي به هنن پنهجو وسان ڪو نه گهٽايو۽ جيترو ٿي سگهيو اوترو هنن پاڻي تي ڌاڙو هنيو ۽ مٿي بند ڏئي ڊيم ٺاهيندا رهيا،واه کوٽيندا رهيا سنڌ ۾ فقط ڪالا باغ ديم جو شو شوڇڏي هن مهل تائين هر طرح سان سنڌوء تي راتاها هڻي فقط سياسي لٻاڙ لاء ۽ سنڌي ماڻهن کي الجهائڻ لاء ڪالاباغ جو جِنُ هٿ ۾ رکيو آهي،هن وقت وري پيپلن کي اليڪشن ۾ سرسي ڏيارڻ لاء ڊرامو ڪيو ويو آهي ،هڪڙا چوندا ٺاهيو هڪڙا چوندا سر ڌڙ جي بازي لڳائينداسين پر ٺاهڻ ڪو نه ڏينداسين،۽ اهي ساڳيا ايجنٽ سنڌي مانهن جي همدردي وٺي وري پنهجي پگهار چالو ڪرائيندا،
اڄ تائين ڪالاباغ ڪو نه ٺهيو آهي پر ان جي بدلي ڪنهن اهيو ڏٺو آهي ته سامراٍج پنجاب ڇا ڪيوآهي،جيڪي هنن وڏا واه ڪڍيا آهن ڇا اهو پاڻي ناهي جيڪو روڪي کڻي ويا آهن،بلڪه مشرف جي دور ۾ هنن کي ترقي وٺرائي ويئي هر ڪينال تي هڪ ڊيم ٺاهيو ويو آهي انهن جا ڪينال سيمينٽ سان پڪا ڪيا ويا آهن ،انهن جي ڪينالن ۾ 40،40 ۽60،60 هزار ڪيوسيڪ پاڻي کڻڻ جي صلاحيت موجود آهي پر ان کان علاوه مشرف جي دور ۾ هر ڪينال تي ننڍو ڊيم تيار ڪيو ويو،ان تي ڪنهن واويلا ڪو نه ڪئي ،اڄ 5 سال پورا ڪرڻ کان پوء ڪالاباغ عدالت ۾ ويو آهي جن حڪمرانن کي سنڌ سان ٿيندڙ هيڏين نا انصافين جو پتو نه ٿو پوي اهي انڌا بيان ٿا ڏين ته
ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڪو نه ٺهڻ ڏينداسين،سنڌ جي وزيراعلي ،پاڪستان جو وزيراعظم چون ٿا تڪراري ڊيم آهي ،ڪونه ٺهڻ ڏينداسين اهيا مخلصي ڪنهن سان آهي؟
سوال آهي ته ڇا واقعي سنڌ جو عوام ايترو بيوقوف آهي ؟
ڇا اڃا انهن نوٽ ڪو اهڙو جادو آهي جنهن کي هلائي سنڌي قوم جون اکيون وري مُنڊيون وينديون؟
هڪ اهم ڳالهه ڪالا باغ ڊيم جي نه ٺهڻ جي ٽيڪنيڪل وجهه به آهي ،
اها هيء ته ڪالا باغ ڊيم واري زمين يا پهاڙ لوڻياٺ وارا آهن يعني اڪثر زمين لوڻياٺ واري آهي جتي اگر مسلسل پاڻي بيهندو ته اها هر طرح جي ٺهيل ڪنسٽرڪشن کي کائڻ شروغ ڪندو ۽ جيڪا جبلن جي سائيڊ آهي اهي به لوڻ جا پهاڙ آهن جيڪي پڻ ڳرڻ شروع ڪندا ۽ نتيجن ڊيم ٽٽندو جيڪا پنجاب وارن کي به خبر آهي،
پر هن وقت جيئن ته سنڌ جا ڪجه دلال انهن کي هٿ اچي ويا آهن ۽ هنن جو سڀ ڪم سولو لڳو پيو آهي ان ڪري اگر هنن ٺاهيو به ته ان جو سبب فقط هڪ آهي ،
جيئن تهپنجاب وارن سنڌ جي پاڻي کي محدود بنائي ڇڏيو آهي ،جيڪو هائي وافر مقدار ۾ ناهي ان ڪري هنن کي خطرو آهي ته اگر سنڌ الڳ ٿي ته انهن کي پاڻي جي ضرورت ته پوندي ان ڪري ڪنهن به ڳاله کي مڃائڻ خاطر هو پاڻي پنهجي هٿ ۾ رکڻ ٿا چاهن،۽ هيڙا حڪمران هنن جو هر ناممڪن ڪم به ممڪن بنائڻ ۾ رڌل آهن جيڪي پاڻ کي تمام عقلمند ٿا سمجهن ته هنن 5 سال حڪومت هلائي ۽ وڏو رڪارڊ قائم ڪيو آهي سو بيوقوفن کي سڱ ڪو نه هوندا آهن ،
اگر هن پارٽي ٺاهڻ وارن تي غور ڪجي ته انهن گهڻا سال حڪومت ڪئي جن دنيا جي اڳيان پاڻ مڃرايو،اهي ڇو ناڪام ويا جو هي هنبوشون ٿا هڻن ته اسان ڪامياب ويا آهيون ،هنن جي لکيل تاريخ ۾ هنن جو مقام هڪ انتهائي گهٽيا حڪمران طرح لکيو ويندو ۽ اهي ئي لکندا جيڪي هنن جي وهوا ۾ لڳا پيا آهن ،،اقتدار جا بکيا اڃان الائي ڇا ڇا ڪندا ،؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
هي قوم اڃان الائي ڇا ڇا ڪندي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟