Saturday, December 1, 2012

ڪالا باغ ڊيم جو جن جاڳي پيو


سڀني ساٿين کي سلام عرض آهي،
ساٿيومنهنجي ذهن ۾ اڄ ڪجه سوچون ۽ سوال گڏ ٿي ويا آهن آء بهتر سمجهي رهيو هوس ته پنهجن سڄڻن سان سليان مَنَ دل کي ڪو تسلي بخش جواب ملي پوي،
اصل عنوان کي ڏسي توهان سمجهي ويا هوندا ته آء ڇاٿو چوڻ چاهيان ڇو جو هن ٽهي کي جواني کان پوڙهي ٿيڻ تائين جيڪو اهم موضوع ڏسڻ ۾ آيو آهي ايا جيڪا سرگرمي سنڌ جي سرزمين تي هوش سنڀالڻ کان اڄ تائين نظر آئي آهي سا آهي ڪالا باغ ڊيم ڪالا باغ ڊيم نا منظورجا نعره جڏهن پٽي ۽ سليٽ کڻي اسڪول ويندا هئاسين تڏهن کان هڻندا ٿا اچون۽ هاڻي اسان جو اولاد جوين ٿي چڪو آهي پر اڄ به اهو ئي ڪالا باغ ڊيم نامنظور جا نعره گونججي رهيا آهن،
سنڌوء سان ٿيندڙ ناحق ۽ سنڌو ڪناري آباد لکين ڌرتي ڌڻي سان اقتداري ڌر جيڪي ويڌن ڪيا آهن اهي ڪنهن کان به ڳجها ڪونهن رهيا وري به ٿورو زڪر ڪندو ٿو هلان ته هٿ وٺي هڪ منظم منصوبي تحت سنڌ جا ڀاڱا ڪرڻ لاء پيپلز پارٽي کي مختلف دورن ۾ پروگرام ڏنو ويو ۽ بهترين ڪارڪردگي تي انهن کي وڏا وڏا لقب ڏنا ويا ۽ جڏهن انهن جو ڪم پورو ٿيندو رهيو ته انهن وڏن وڏن ڪردارن کي بيخوندو ڪري ماريو ويوبدلي ۾ سنڌ ڌرتي جي اصل وارثن کي بک بدحالي ۽ بيروزگاري جي باه ۾ اڇلايو ويو ۽ انهن جي جاء تي ڌارين کي سنڌ جو پورو نظام تحفي طور عطا ڪيو ويو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ قوت رکندڙ پاڪستاني فوج کي سنڌ جي ماڻهن تي مسلط ڪرڻ لاء سنڌ جي چئني ڪنڊن تي فوجي ڇانوڻيون ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ سنڌ جي سرحدي پٽيء تي پڻ انهن کي قبضو ڏنو ويو،۽ انهن فوج جي اعلي عملدارن هميشه سنڌ کي پنهجي جاگير سمجهي آزاديء سان ۽ آسانيء سان سنڌ جي ٿيل ڪندا رهيا ،پر انهن تي به انهن جو ڀڀ ڪو نه ڀريو ته انهن سنڌ کي پنهجي پاليل ڌاڙيلن جي پناه ۾ ڏئي لاقانونيت جو بول بالا رکي سنڌي ماڻهن کي هر وقت هيسايل رکيو،ايتري قدر جو سنڌ جو شهپريل جوان انهن کي ڌاڙيل نظر اچڻ لڳو ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ڪامريد ۽ پاڪستان جو دشمن ۽ معصوم هاري ناري جن جي جوان اولاد کي انهن جو پيء هجڻ جي صورت ۾ چٿيو ويو ته توهان جو اولاد پاڪستان جو دشمن آهي انهن جي سلامتي لاء خطرو آهي ان لاء هنن سنڌ جو گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وسطي واهڻ پنهجي ظلم جي عتاب ۾ رکيو ۽ سنڌ جي ماڻهوء کي سک جو ساه کڻڻ ڪو نه ڏنو، انهن حالتن کي ڏسي جڏهن به ڪنهن حقپرست حق جي ڳاله ڪئي ته ان کي مختلف بهانن سان جيل ياتريون ڪرائي جيلن ۾ ئي تذليل ڪري يا ان ڳاله تان هٿ کڻايو ويو يا انهن کي مارايو ويو،ان هوندي به حق جو نعرو بلن ٿيندو رهيو جنهن کي هنن وري ڪوڙن سيسدانن کي اسان جي مٿان مسلط ڪري بقايا پنهجا ڪم پوري ڪندا رهيا ،۽ سنڌ جي اصل سياسي طاقت کي هيٺ ڪندي هميشه پنهجي انهي فوٍج جي نگراني ۾ اليڪشنون ڪرائي پنهجي ئي پگهاردارڀوتارن کي سنڌي قوم جون واڳون ڏيندا رهياانهن جي انهيء شئي تي نظر رکندڙ قوم پرست هر دور ۾ انهن جي اکين ۾ ڪنڊن وانگر چبهندا رهيا پر اسان جو سنڌي مارو پنهجي ٻچن جي پيار ۽ شفقت ۾ انهن جي چالن کي سمجهي نه سگهيو ۽ پنهجي امن پسندانه ذهن سان زندگي جو گاڏو ڌڪيندا رهيا ۽ پنهجي ٻني ٻاري تي صبر شڪر سان گزارو ڪندا رهيا،
پر انهن جي شيطاني ذهن هن قوم ۽ ڌرتي جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو ايتريقدر جو هر معدنيات تي قبضي کان پوء انهن کي سنڌو جو پاڻي به اک ۾ کتل رهيو۽ اتي به هنن پنهجو وسان ڪو نه گهٽايو۽ جيترو ٿي سگهيو اوترو هنن پاڻي تي ڌاڙو هنيو ۽ مٿي بند ڏئي ڊيم ٺاهيندا رهيا،واه کوٽيندا رهيا سنڌ ۾ فقط ڪالا باغ ديم جو شو شوڇڏي هن مهل تائين هر طرح سان سنڌوء تي راتاها هڻي فقط سياسي لٻاڙ لاء ۽ سنڌي ماڻهن کي الجهائڻ لاء ڪالاباغ جو جِنُ هٿ ۾ رکيو آهي،هن وقت وري پيپلن کي اليڪشن ۾ سرسي ڏيارڻ لاء ڊرامو ڪيو ويو آهي ،هڪڙا چوندا ٺاهيو هڪڙا چوندا سر ڌڙ جي بازي لڳائينداسين پر ٺاهڻ ڪو نه ڏينداسين،۽ اهي ساڳيا ايجنٽ سنڌي مانهن جي همدردي وٺي وري پنهجي پگهار چالو ڪرائيندا،
اڄ تائين ڪالاباغ ڪو نه ٺهيو آهي پر ان جي بدلي ڪنهن اهيو ڏٺو آهي ته سامراٍج پنجاب ڇا ڪيوآهي،جيڪي هنن وڏا واه ڪڍيا آهن ڇا اهو پاڻي ناهي جيڪو روڪي کڻي ويا آهن،بلڪه مشرف جي دور ۾ هنن کي ترقي وٺرائي ويئي هر ڪينال تي هڪ ڊيم ٺاهيو ويو آهي انهن جا ڪينال سيمينٽ سان پڪا ڪيا ويا آهن ،انهن جي ڪينالن ۾ 40،40 ۽60،60 هزار ڪيوسيڪ پاڻي کڻڻ جي صلاحيت موجود آهي پر ان کان علاوه مشرف جي دور ۾ هر ڪينال تي ننڍو ڊيم تيار ڪيو ويو،ان تي ڪنهن واويلا ڪو نه ڪئي ،اڄ 5 سال پورا ڪرڻ کان پوء ڪالاباغ عدالت ۾ ويو آهي جن حڪمرانن کي سنڌ سان ٿيندڙ هيڏين نا انصافين جو پتو نه ٿو پوي اهي انڌا بيان ٿا ڏين ته
ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڪو نه ٺهڻ ڏينداسين،سنڌ جي وزيراعلي ،پاڪستان جو وزيراعظم چون ٿا تڪراري ڊيم آهي ،ڪونه ٺهڻ ڏينداسين اهيا مخلصي ڪنهن سان آهي؟
سوال آهي ته ڇا واقعي سنڌ جو عوام ايترو بيوقوف آهي ؟
ڇا اڃا انهن نوٽ ڪو اهڙو جادو آهي جنهن کي هلائي سنڌي قوم جون اکيون وري مُنڊيون وينديون؟
هڪ اهم ڳالهه ڪالا باغ ڊيم جي نه ٺهڻ جي ٽيڪنيڪل وجهه به آهي ،
اها هيء ته ڪالا باغ ڊيم واري زمين يا پهاڙ لوڻياٺ وارا آهن يعني اڪثر زمين لوڻياٺ واري آهي جتي اگر مسلسل پاڻي بيهندو ته اها هر طرح جي ٺهيل ڪنسٽرڪشن کي کائڻ شروغ ڪندو ۽ جيڪا جبلن جي سائيڊ آهي اهي به لوڻ جا پهاڙ آهن جيڪي پڻ ڳرڻ شروع ڪندا ۽ نتيجن ڊيم ٽٽندو جيڪا پنجاب وارن کي به خبر آهي،
پر هن وقت جيئن ته سنڌ جا ڪجه دلال انهن کي هٿ اچي ويا آهن ۽ هنن جو سڀ ڪم سولو لڳو پيو آهي ان ڪري اگر هنن ٺاهيو به ته ان جو سبب فقط هڪ آهي ،
جيئن تهپنجاب وارن سنڌ جي پاڻي کي محدود بنائي ڇڏيو آهي ،جيڪو هائي وافر مقدار ۾ ناهي ان ڪري هنن کي خطرو آهي ته اگر سنڌ الڳ ٿي ته انهن کي پاڻي جي ضرورت ته پوندي ان ڪري ڪنهن به ڳاله کي مڃائڻ خاطر هو پاڻي پنهجي هٿ ۾ رکڻ ٿا چاهن،۽ هيڙا حڪمران هنن جو هر ناممڪن ڪم به ممڪن بنائڻ ۾ رڌل آهن جيڪي پاڻ کي تمام عقلمند ٿا سمجهن ته هنن 5 سال حڪومت هلائي ۽ وڏو رڪارڊ قائم ڪيو آهي سو بيوقوفن کي سڱ ڪو نه هوندا آهن ،
اگر هن پارٽي ٺاهڻ وارن تي غور ڪجي ته انهن گهڻا سال حڪومت ڪئي جن دنيا جي اڳيان پاڻ مڃرايو،اهي ڇو ناڪام ويا جو هي هنبوشون ٿا هڻن ته اسان ڪامياب ويا آهيون ،هنن جي لکيل تاريخ ۾ هنن جو مقام هڪ انتهائي گهٽيا حڪمران طرح لکيو ويندو ۽ اهي ئي لکندا جيڪي هنن جي وهوا ۾ لڳا پيا آهن ،،اقتدار جا بکيا اڃان الائي ڇا ڇا ڪندا ،؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
هي قوم اڃان الائي ڇا ڇا ڪندي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ 


Sunday, November 25, 2012

منهجي اندر جي هُورا کُرا

سائين عرض ته ڪن ڌرين کي سنڌ سان ڪو تعلق ئي ڪو نهي انهن پنهجو ڌار وطن جوڙي رکيو آهي جنهن کي عملي جامون پارائڻ لاء هنن جي پرتشدد ۽ فيصلا ڪن سيا ست آخري مرحلن ۾ ڪاهي پئي آهي ،جيڪي پنهجي هر عمل کي پنهجي جدوجهد خاطر استعمال ڪري رهيا آهن ،جنهن ۾ کلي عام حڪومتي مشينري جو استعمال پڻ ڪري رهيا آهن ،ايترو ئي نه بلڪه هنن جي راه ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ هو دور ڪري رهيا آهن ،هنن لاء ڪنهن به انسان جو ڪو تقدس باقي ناهي بچيو،فوج ،رينجرس،پوليس تائين هنن جي دسترس آهي اهي سرڪاري هٿياربند هنن جي اشارن جا محتاج آهن ،جيڪي هن وقت مست هاٿي بڻجي هر ڪمزور ڏاڍي کي پنهجي پيرن هيٺان لتاڙي رهيا آهن،جن هر حال ۾ پنهجي لاء ڌار وطن جو تصور ڏنو آهي ۽ پنهجي قوم کي مڪمل طرح اعتماد ۾ وٺي دنيا کي ثابت ڪيو آهي ته اسين جداگانه قوم آهيون ۽ اسان کي اسان جا حق ڏنا وڃن۔جن ۾ هنن پنهجي اڪثريت ڄاڻائي آهي،جنهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاء هنن کي مشرف جي فيصلاڪن حڪومت عطا ڪئي ويئي،جن ۾ هنن جو مقصد مختيارڪاري کان نجات هو،جيئن پانهجي ماڻهن کي ڪاغذي و قانوني تحفظ ڏيڻ جو اختيار حاصل ڪرڻ هو،جيڪو هنن ناظمن جي معرفت حاصل ڪيو ،پهرين مرحلي ۾ هنن بائڪاٽ ڪيو جيئن سڄي ملڪ ۾ رائج ٿي وڃي ۽ عام ماڻهو ان نظام جو عادي بنجي وڃي ،ان جي ڪاميابي کان پوء ٻيو دور شروع ڪيو ويو جن ۾ پهرين دور کان ڪافي تبديليون ڪيون ويون ۽ مزيد آسان بنايو ويو ۽ قوت (پاورس) کي آساني سان منتقل ڪيو ويو،جن ۾ خاص طور پهرين نادرا،متعارف ڪرائي ويئي ۽ ان جي حصول لاء گهربل ڊاڪومينٽس ناظم جي حوالي ڪيا ويا۔ناظم جيڪي ٺيٺ سياسي وابستگي جي هيٺ ڇونڊجي آيا،۽ پنهجن علائقن جا بادشاه بنايا ويا۔جن پنهجي پرائي جي فرق کي پنهجي دفتر ۾ ڳڻي ڇڏيو ۽ هر ماڻهوء جي سروي ڪئي ويئي،جن کي هنن پنهجي استعمال ۾ آڻڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ايتري قدر جو شهر ۾ رضاڪارن جو هڪ ٽيم بڻائي چوراهن بزارن ۾ مقرر ڪيا ويا جن کي هر ماڻهوء تي نظر رکڻ جو ڪم ڏنو ويو ۽ پنهجن هٿيار بند ماڻهن کي روڊ رستن کان واقف رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جيئن ڪنهن به ڪاروائي ۾ دير نه ٿئي ۽ ٽارگٽ لازمي حاصل ٿيڻ کپي جي نوعيت کي مد نظر رکندي انهن کي سکيا پڻ ڏني ويئي،۔
ان سڄي عرصي ۾ مشرف حڪومت هنن سان هر قسم جو سهڪار ڪندي رهي ۽ خاموش تقسيم جي ڪاغذي مرحلي کي حتمي شڪل ڏني ويئي ،مقصد حاصل ٿيڻ کانپوء
هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت محترمه بينظير صاحبه کي شڪار جي چاري طور استعمال ڪيو ويو،ان سان ڳالهيون ڪري ان کي ملڪ آندو ويو ۽ مخصوص وقت گزرڻ تي مختلف تجربه ڪري آخر هن کي شهيد ڪيو ويو۔پهريون دفعو خاص طور سنڌ ۾ روينيو آفيسن کي باه ڏيئي ساڙيو ويوجنهن کان پوءگاهي به گاهي ٻيا تمام سرڪاري دفترن کي باه ڏني ويئي،هنن جو مشن ڪامياب ويو هنن جا مقصد حاصل ٿيا،هاڻي هنن وٽ ڪاغذي رڪارڊ موجود رهيو جڏهن ته باقي سڄي سنڌ پنهجي انهيءحق کان محروم ڪئي ويئي۔هاني ته ڪنهجو کاتو به سلامت ڪونهي ۽ بقايا ڪم هن ڪرپٽ حڪومت ۾ لاٿا ويا آهن جيڪي اصل جنگ جو سبب تڏهن بڻبا جڏهن ٻني هڪڙن جي کاتا ٻين جا سامهون ايندا۔اهيو حربو وقت اچڻ تي استعمال ڪيو ويندو۔
مطلب چوڻ جو ته اسان جو هاڻي ڪراچيء تي ڪيترو اختيار آهي،ڇا اسان ڪراچي ۾ هڪ ڪائونسلر جي سيٽ کٽي سگهنداسين؟ ڇا ڪراڇي جو ميئر ڪو سنڌي ٿي سگهندو؟ ڇا ڪراچي هڪ رياست نه ٺاهي ويئي آهي؟ ڇا ڪراچي جو ميئر وزيراعلي ا جا پاور نه ٿو رکي؟
زوالفقار مرزا جيڪي دانهون ڪيون انهن کي هڪ منصوبي تحت ختم ڪيو ويو۔ڇا ان ۾ ڪنهن کي ڪا به صداقت نظر ڪو نه آئي؟
لياري ۾ جو ڪجه به ٿيو اهيو ڪنهن به نظر ڪو نه آيو۔
هن وقت ڪرسين تي سڀ اهي ئي ويٺا آهن جن کي پنهجي پيسن ۽ بئنڪ بيلينس کان وڌيڪ ڪا به دلچسپي ڪونهي انهن جي پنهجي سڃاڻپ ڪا به ڪو نه هئي اهي هميشه محترمه جي ڪري ئي سڃاتا ويندا هئا ۔اڳ به هنن جا اهي ڪم هوندا هئا پر محترمه جي ڊپ کان ڪجه ماڻهن جو خيال رکندا هئا ۔هاڻي ته پڪ هئن ته ڪير به ڪونهي سو عوام کي بيوقوف بڻئيندا رهيا آهن ۽ هن عوام مان يا ڌرتي مان جيڪو فائدو هي وٺي سگهن ٿا سو وٺن پيا۔
15 تاريخ واري بوکلاهٽ ڏسڻ وٽان هئي جڏهن پنڊال ۾ ٿورو جهڳڙو ٿيو ته ليدرن کي ان مهل ڀٽو ۔۽ شهيد راڻي نظر اچي ويئي۔ جو نعرا هڻائڻ بيهي رهيا۔۽ هنن کي ڪو به شرم نه آيو۔
هي اهي سياستدان ڪو نه آهن جيڪي ملڪ ۽ قومن جي تقدير جا فيصلا ڪندا آهن هي اهو حرامين جو ٽولو آهي جيڪو فقط دولت خاطر ملڪ تي حڪمران آهي ۽ هن کي قائم رکڻ ۾ دشمنن جا مفاد آهن جن جي ڪري هي اڃا باقي آهن ،جڏهن هنن جي ضرورت ختم ٿيندي پاڻهي هنن کي اصل مقام تائين پهچائيندا۔
ڳاله جيڪا ووٽن جي آ ،ته ياد رکو اهيو فقط ڊرامون هوندو آهي جي ووٽن جو ايترو قدر هجي هان ته لکين ماڻهن جي احتجاج کي ڪانه ڪا موٽ ضرور ملي هان۔
۽ هڪ ڏينهن اليڪشن جو هوندو آهي جنهن ۾ طاقت جو استعمال ۽ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري ماڻهن جي سليڪشن کي بدلايو به ويندو آهي۔ڪيئي بيقاعدگيون پيدا ڪري نتيجه پنهجي مقصد جا حاصل ڪيا ويندا آهن۔جيڪي کوڙ مثال اڳ۾ به موجود آهن ۔جتي انسانن جا حق غضب ڪرڻ لاء ٻٽو قانون موجود هجي ۔ڌرتي ڌڻين کي محڪوم بنائڻ لاء سالن جا سال لاقانونيت بدحالي ۽ بيروزگاري جي باه ۾ اڇلايو ويو هجي ،مختلف ايجنسين جي هٿان حراسان ڪري ڪونڌر ڪهايا ويندا هجن هر ڳوٺ ڳوٺ نگر نگر بدامني جو راڄ قائم ڪيو ويو هجي،سنڌي ماڻهن لاء منشيات عام ڪئي ويئي هجي ۔زڪوات ۽ ڪارڊن جي مد ۾ پينو بنائي لور لور ڪرايو ويندو هجي ۔ڇا هن قوم ۾ ايتري جدت باقي آهي جو انهن جو حل ووٽن جي ذريعي ٿيندو هجي؟ ،
اصل نتيجه هاڻي وارن چند سالن ۾ ملندا ۔
جڏهن اسان وٽ پنهجي سڃاڻپ جو ڪو به دستاويز ڪو نه هوندو۔۽ اسين ڪنهن به ڪم جي لائق ڪو نه رهنداسين۔
ٿي سگهي ٿو منهجي ذهن ۾ اڀرندڙ اهي سوال غلط هجن اوهان جي رهنمائي ۾ ڪجه ضرور ميسر ٿيندو

مان هڪ گدڙ آهيان






مان هڪ گدڙ آهيان
پر پنهنجي ملڪ جو صدر آهيان
مون سڀ شينهن ٻڌي ڇڏيا آهن
پر
منهنجا سڀ گدڙ هاڻي شينهن آهن
ڪيئن ٿا بگهڙ ڪن سلام
ڏسو
اڄ لومڙ منهجا وزير آهن
هزارين هاٿي به هام هڻندا هئا
سي پڻ
سڀ اڄ منهنجا غلام آهن
وفا تي جن کي ناز هو پنهنجي
سي
ڪتا ٻه ڏس ڪيئن ٻلا ٿي ويا
باندر بيشڪ ملا ٿي ويا
سڻڀي ٻوڙ تي ساٿ ڇڏي ويا
پنهجا ماري غير گڏي ويا
ڪري ويران وڻ ۽ وٿاڻ
پنهجي گهر کي باه ڏئي ويا
آهي نانگن کي مون ناچ نچايو
دنيا کي آ مون اهيو سمجهايو
پنهجي اندر جهاتي پايو
قوم پنهجي کي ڪين لڄايو
مونکا اوهين ڪو سبق پرايو
مونکي سڃاڻو ٿا مان ڪير اهيان؟!!!
ڪير ٿو چئي مان شير آهيان؟!!
مان گدڙ آهيان،،،،،،،،،،،پر توهان جي ملڪ جو صدر آهيان

Tuesday, November 20, 2012

ڪا چڻنگ دکائي وينداسين

 
مشاهدي کانپوءنظر ڪيان ٿو ته تمام تڪليفده مستقبل نظر ٿو اچي۔

اهو به فقط سنڌ ۾ سنڌين لاء.
 سمجه ۾ نه ٿو اچي ته ڪٿان شروع ڪيان۔
ڪشمور کان شروع ٿو ڪيان۔
جتي رياستي سردارن کي سرڪاري ڪارندن جي معرفت پروٽوڪول ڏئي ننڍڙيون ننڍڙيون رياستون ٺاهي ڏنيون ويون آهن ۽ انهن کي بادشاه بنايو ويو آهي۔جتي اصلحي منشيات ۽ لاقانونيت جوبول بالا آهي ۽ اهي بادشاه شراب اقتدار جي نشي ۾ ڌت پنهجي راڄ جا حڪمران آهن جيڪي پنهجي رعيت کي هڪ ٻئي سان ٽڪراء ۾ آڻي۔ڌرتيء کي رت سان ڳاڙهو ڪري رهيا آهن۔جتي عام انسان جو ڪاروبار ،معيشت،تعليم،صحت سڀ اڌورا خواب بنجي ويا آهن۔اهي مسڪين مارو ته فقط پنهجي ۽ پنهجي ٻچن جي زندگي بچائڻ لاء آتا آهن،انهن سان پيش ايندڙ   ڪهري ڪارواين ۾ ڪيئي داستان روزاني روز جنم وٺن ٿا جن کي بيان ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي۔
فوج،رينجرس۔۽ پوليس جي ڇانوڻين جي هوندي علائقا نو گو ايريا بڻيا پيا آهن
هڪ ٻئي جا سوين نوجوان مارجي چڪا آهن ۔هاڻي ته انهن جي وات کي رت اهڙي طرح لڳي چڪو اهي جو ڪنهن جي لڄ جو ڀرم به نٿو ڪيو وڃي۔
غور ڪيو سائين۔30 سالن کان مٿي ٿي چڪو آهي مختلف برادرين جا جهڳڙا،ڪجهه وقت کانپوء فيصلا وري لکين رپيه جرمانو ، سائين جيڪي گهر کان ٻاهر نڪري نه ٿا سگهن اهي لکين رپيه ڪٿان آڻيندا،
ذاتي مشاهدي ۾ آيل خبر آهي ته هڪ وڏي آپريشن جو ڊرامو ڪيو ويو ان ۾ ڪجهه ڏوهاري ماڻهو پڪڙيا ويا۔ان آپريشن ۾ ارمي جو به نقصان ٿيومگر ڪجهه عرصي کانپوء اهي پڪڙيل ماڻهو سرنديء وارن کان ڀتو وصول ڪري رهيا هئا،
سوال آهي ته ڇا ان آپريشن کي فقط ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاء ڪيو ويو جيئن ماڻهن ۾ خوف و حراس پکڙجي يا انهن ايجنٽن کي مشهور ڪرڻو هو جن کان ماڻهن کي خوف ڏيارڻو هو۽ سڃاڻپ ڪرائڻي هئي ۽ انهن کي انهن سردارن جو پٽو پارائڻو هو جيئن اهي انهن جا ڪارندا ٿي هر اهو ڪم جن جو کين حڪم صادر ڪيو وڃي،
جنهن ۾ اهم ڪم هڪ ٻئي جي برادرين کي خون سان لت پت ڪرڻ ۽ جاني و مالي نقسان پهچائڻ کانسواء ٻيو ڪونهي۔
آخر 30 ميٽرن جي سرحد کانپوء هنن کي ائين ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڇو ٿي ٿئي۔ان سان گڏ پنجاب جي سرحد به آهي اتي ڪارو قانون يا اهڙيون ڪاروايون ڇو ڪونهن،
پنجاپ مان بنا ڪانوائي جي سفر ڪجي ٿو ڪشمور ۾ داخل ٿيڻ سان ڪانوائي رائج ٿئي ٿي آخر ڇو؟هڪدم رينجرس آرمي پوليس جي موجودگي، حفاظت جا بيجا انتظام، پوء به ڪير محفوظ نه، اهيو سڀ ڇا آهي؟هر روڊ رستي تي چيڪ پوسٽون،ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رسته يا مختلف شهرن ڏانه ويندڙ رسته سج لهندي ويران،رات جو سرڪاري عملدارن جي اجازت کانسواء ڪو چرپر نه ڪري سگهي ان جي باوجود به ڌاڙا ،اغوا ،ڦرون معمول بنيل۔ اهيو ڇاآهي؟
درجي وائيز ضلع اثرانداز ڪيا ويا آهن،ڪشمور جيڪب آباد،شڪارپور،لاڙڪاڻو، دادوانهن تي خاص توجه ڏني ويئي آهي،جتي سرڪاري طرح ڪابه انڊسٽري ڪانهي،علم جو در بند آهي،اصلحي منشيات جو کلي عام وڪرو آهي،برادرين جا جهيڙا عام آهن ،قتل و غارتگيري عام آهي ۔انسان جي ڪا قيمت ئي ڪونهي ،قانون مذاق ڪرڻ لاء آهي،جيڪو شريف ماڻهن کي خاموش ڪرڻ لاء قائم ڪيو ويو آهي۔سياسي باندر بقايا عوام کي ڍيٻڪي جو ناچ ڏيکاري خوش ڪري رهيا آهن پنهجن ڪارندن کي سنڌ جو مال مالِ غنيمت سمجهي ونڊي رهيا آهن۔ڪو حساب ڪونهي سنڌ کي بيگانو سمجهي لٽي رهيا آهن،ڪو قانون هنن لاء ڪونهي،ڪا بندش ڪانهي ڪا سرحد ڪانهي؟!!!!!!!!!!!!!!!
هڪ پوري جنريشن تباه ٿي چڪي آهي،۽ هي سياسي ٺڳ معصوم ماروئڙن کي پنهجو ذاتي ووٽر بنائڻ لاء جاهل کان جاهل بنائڻ جي ڪوشش ۾ سنڌ ڌرتي جي سپوتن کي هڪ ٻئي سان نفرت ۽ جنگ لاء آماده ڪري پاڻ حڪمراني ڪري رهيا آهن،هتي بيگناه رت پيو ٿو وهي ۽ هي پنهجي ملڪيت کي وڌائي سنڌ مان لٽي ٻاهرين ملڪن ۾ منتقل ڪري رهيا آهن،ان يقين تي ته جڏهن وقت آيو اسان پنهجي گهر هليا وينداسين۔هنن پنهجا گهر ئي سنڌ کان ٻاهر ٺاهيا آهن اهي سنڌ جا ڪيئن ٿا ٿي سگهن،
سنڌ جي سينڌ کي پنهجي محنت سان سرسبز ڪندڙ ماروئڙا اڄ پنهجي ٻنيء کي پاڻي پيارڻ لاء پريشان آهن،انهن تي وري سنڌ جا لکيا پڙهيا انجنيئر صاحبان پنهجي دولت کي وڌائڻ جي روش ۾ رڌل پنهجي کاڌ کوراڪ جي وسيلي کي کپايو عياشين ۾ سڀ ڪجهه برباد ڪري رهيا آهن،
غريب مسڪين ماڻهن لاء بنيل سرڪاري اسپتالون پنهجن سنڌي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب سهولتن کان اڻلڀ انسانن جو ڪوس گهر لڳيون پيون آهن ،جڏهن ته انهن ئي ڊاڪٽرن جو ذاتي اسپتالون غريب مسڪين ماڻهن لاء بچيل پونجي ڦرڻ جو ذريعو بڻيل آهن،
علم کان محروم اسڪول بهترين بلڊنگن سان ڀوت بنگلن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن جن ۾ علم سيکارڻ وارا استاد سياست جي ٺوڳي ٽولي جي سرپرستي ۾ پنهجي پيغمبري پيشي کي ڇڏي،پنهجي پگهار جي پٺيان ڪاهي پيا آهن۔
لوڀ ۽ لالچ جي پويان ڊڪندي چند مفادن خاطر پنهجي قوم جي نسلن کي فارمي ڪڪڙ بنجڻ جي تربيت ڏئي رهيا آهن۔علم اسان جي سنڌ جي زينت هو،ڪو وقت هو جڏهن پاڪستان ۾ هر وڏي عهدي تي هڪ سنڌي افيسر فائض هو،اڄ سنڌ جي لاء تعليمي ادارا بند ڪرڻ جا سانباها ڪيا ويا آهن،۽ سنڌي ماڻهن کي وڏن درسگاهن ۾ داخلا لاء معزور بڻايو ويو آهي،سو به ڪڏهن جڏهن ملڪ پاڪستان جا حڪمران سنڌي هئا،سٺي منظرڪشي آ تاريخ ۾ سنڌين جي جيڪا ايندڙ نسلن کي ڏني ويندي،
روڊ ٽرانسپورٽ يا ڪو به ڪاروبار عام ماڻهو کي سوا منٿلي ڏيڻ جي محفوظ ڪونهي۔
زراعت کاتي۽ اريگيشن وارن سنڌي ماڻهن جي رهيل ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لاء هرممڪن ڪوشش ڪري واهن کي ۽ شاخن کي هٿرادو کوٽ ڏئي پنهجاکيسا گرم ڪرڻ لاء اجتماعي طور فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ کان ڪڏهن به ڪو نه ڪيٻايو،۽ وڏي شان سان پنهجي قوم جي قوت کي هٿ وٺي ڪمزور ڪري پنهجي ديش پرستي جو ثبوت ڏيندا ٿا اچن،انهن کي خبر آهي ته اسان جي بقا وقت جي وڏيرن جي غلامي ڪرڻ آهي نڪي هن ملڪ جي ماروئڙن جي خدمت۔
ننڍ پڻ جي سوچ ۾ هميشه خيال هوندا آهن ته لکي پڙهي قوم جي خدمت ڪندس۔
پر وڌي وڏي ٿيڻ کانپوء ڀتين ۽ بنگلن کي سينگارڻ جي شوق ۾ مسڪين ماروئڙن جو جهُڳو ئي چٽ ڪرڻ لاءهر قدم کڻڻ لاء تيار آهن۔
اڄ جي تعليم جي اثرن کي ڏسندي ذهن اهيو ئي ٿو قبولي ته هي تعليم نه پر گهري سازش آهي جيڪا انسان کي گنهگار بنائڻ جو شعور ڏئي ٿي،۽ خدمت نه پر ظلمت جي دڳ لائي ٿي،انهيء روش ۾ سڪن سان گڏ ساوا به سڙي ڀسم ٿي وڃن ٿا۔
افسوس جو اڄ هن ڌرتي تي راڄ ڪندڙ قانون جا رکوالا چورن جا دوست ۽ ڀاڳين جا ويري ٿي پنهجي قوم کي بد امنيء جي ور چاڙهي چند نوٽن جي چمڪ تحت پنهجي ضمير کي وڪڻڻ تي مجبور ڪن ٿا،ان گناه کي لڪائڻ لاء تڪبر،ڏهڪاء کي پنهجو ساٿي بنائن ٿا،جنهن سان هنن جي زندگي الله پاڪ ۽ ان جي حبيب صلي الله عليه وسلم جن جي حڪمن جي بلڪل ابتڙ گزري ٿي ۽ خوف جي علامت بنجي الله جي معصوم بندن کي بجاء انصاف ڏيارڻ جي رهزنن جي حوالي ڪري ظالم جي اڳيان جهڪڻ تي مجبور ڪندا رهن ٿا۔
ڇا اهي اسان مان ناهن!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!۔؟سُڪَن سان گڏ ساوا به سڙي وڃن ٿا۔
مس هاڻي قوم جي ماڻهن پنهجو پاڻ کي ڪنهن طرح پنهجي حقن کي حاصل ڪرڻ جي سُڌُ ڌاري ته هاڻي انهن کي انهن جي وطن کي يرغمال بڻائي ۽ بلڪل يتيم ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي،
پر سائين اسان پنهجي حياتي هنن خواهشن کان دور لطيف سرڪار،سچل سائين جي سبقن تحت وطن تان وارڻ لاء آڇون ٿا،اگر هن راه ۾ اسان کي ڪاميابي ملي ته اسان جي جيئڻ جو حق ادا ٿي ويندو اگر اسان ناڪام رهياسين ته يقينن ڪا چڻنگ دکائي وينداسين،
اسان کي سمجهايو ته اسان جو دشمن ڪير آهي؟
اسان کي ٻڌايو ته اسان پهرين ڪنهن سان وڙهون؟
اسان کي دڳ ڏيو ته اسان پاڻ ۾ ڪهڙيون تبديلي آڻيون۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟     
مان محڪوم قوم جو مظلوم ڪردار آهيان،
تون سمجهين ٿو مان ڪنهن وڏيري جو ڪمدار آهيان
نه نه ! مان پنهجي وطن جو حبدار آهيان
چوين ٿو مان سردار آهيان !
وڏن محلن جو مالڪ ۽ زردار آهيان،
چاهين ٿو
هميشه جيان
هن صديء ۾ به تون ڪرين قيد مونکي
پر ٻڌي ڇڏ
تنهجي دڙڪن ۾ مان خود اڄ يلغار آهيان
مان هان طاقت جنهن تي ڪڏين ٿو
مارو منهجو نالو مان ئي سرڪار آهيان
ياد رک اها منهجي محبت
جڏهن توکي چاهيو ته ڇا مان ڇا بنايو
اڄ منهجو ديس وڪڻي تو پنهجو پاڻ لڄايو
ڪندس تو تي تنگ ڌرتي
هي منهجو وچن آ
ناهي تنهجو ننگ جو ايئن ٿو کپائين
هي منهجو وطن آ
ونگاري ڏٺا مون جي تو ڏانهن وهن ٿا
تنهجي ئي چوڻ تي منهجا ڀائر ڪهن ٿا
منهجي جذبن ۾ آ رنڱجي ويو هر قطري جو حساب
هاڻي مون آ کوليو هر قتل جو ڪتاب
مون کي پڪ آ تون بزدل آهين،
منهجي محبت کان تون ڊنل آهين،
مان سنڌ سموري جو اسرار آهيان
مان محڪوم قوم جو مظلوم ڪردار آهيان