Tuesday, November 20, 2012

مان محڪوم قوم جو مظلوم ڪردار آهيان،
تون سمجهين ٿو مان ڪنهن وڏيري جو ڪمدار آهيان
نه نه ! مان پنهجي وطن جو حبدار آهيان
چوين ٿو مان سردار آهيان !
وڏن محلن جو مالڪ ۽ زردار آهيان،
چاهين ٿو
هميشه جيان
هن صديء ۾ به تون ڪرين قيد مونکي
پر ٻڌي ڇڏ
تنهجي دڙڪن ۾ مان خود اڄ يلغار آهيان
مان هان طاقت جنهن تي ڪڏين ٿو
مارو منهجو نالو مان ئي سرڪار آهيان
ياد رک اها منهجي محبت
جڏهن توکي چاهيو ته ڇا مان ڇا بنايو
اڄ منهجو ديس وڪڻي تو پنهجو پاڻ لڄايو
ڪندس تو تي تنگ ڌرتي
هي منهجو وچن آ
ناهي تنهجو ننگ جو ايئن ٿو کپائين
هي منهجو وطن آ
ونگاري ڏٺا مون جي تو ڏانهن وهن ٿا
تنهجي ئي چوڻ تي منهجا ڀائر ڪهن ٿا
منهجي جذبن ۾ آ رنڱجي ويو هر قطري جو حساب
هاڻي مون آ کوليو هر قتل جو ڪتاب
مون کي پڪ آ تون بزدل آهين،
منهجي محبت کان تون ڊنل آهين،
مان سنڌ سموري جو اسرار آهيان
مان محڪوم قوم جو مظلوم ڪردار آهيان
    

No comments:

Post a Comment