Tuesday, November 20, 2012

ڪا چڻنگ دکائي وينداسين

 
مشاهدي کانپوءنظر ڪيان ٿو ته تمام تڪليفده مستقبل نظر ٿو اچي۔

اهو به فقط سنڌ ۾ سنڌين لاء.
 سمجه ۾ نه ٿو اچي ته ڪٿان شروع ڪيان۔
ڪشمور کان شروع ٿو ڪيان۔
جتي رياستي سردارن کي سرڪاري ڪارندن جي معرفت پروٽوڪول ڏئي ننڍڙيون ننڍڙيون رياستون ٺاهي ڏنيون ويون آهن ۽ انهن کي بادشاه بنايو ويو آهي۔جتي اصلحي منشيات ۽ لاقانونيت جوبول بالا آهي ۽ اهي بادشاه شراب اقتدار جي نشي ۾ ڌت پنهجي راڄ جا حڪمران آهن جيڪي پنهجي رعيت کي هڪ ٻئي سان ٽڪراء ۾ آڻي۔ڌرتيء کي رت سان ڳاڙهو ڪري رهيا آهن۔جتي عام انسان جو ڪاروبار ،معيشت،تعليم،صحت سڀ اڌورا خواب بنجي ويا آهن۔اهي مسڪين مارو ته فقط پنهجي ۽ پنهجي ٻچن جي زندگي بچائڻ لاء آتا آهن،انهن سان پيش ايندڙ   ڪهري ڪارواين ۾ ڪيئي داستان روزاني روز جنم وٺن ٿا جن کي بيان ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي۔
فوج،رينجرس۔۽ پوليس جي ڇانوڻين جي هوندي علائقا نو گو ايريا بڻيا پيا آهن
هڪ ٻئي جا سوين نوجوان مارجي چڪا آهن ۔هاڻي ته انهن جي وات کي رت اهڙي طرح لڳي چڪو اهي جو ڪنهن جي لڄ جو ڀرم به نٿو ڪيو وڃي۔
غور ڪيو سائين۔30 سالن کان مٿي ٿي چڪو آهي مختلف برادرين جا جهڳڙا،ڪجهه وقت کانپوء فيصلا وري لکين رپيه جرمانو ، سائين جيڪي گهر کان ٻاهر نڪري نه ٿا سگهن اهي لکين رپيه ڪٿان آڻيندا،
ذاتي مشاهدي ۾ آيل خبر آهي ته هڪ وڏي آپريشن جو ڊرامو ڪيو ويو ان ۾ ڪجهه ڏوهاري ماڻهو پڪڙيا ويا۔ان آپريشن ۾ ارمي جو به نقصان ٿيومگر ڪجهه عرصي کانپوء اهي پڪڙيل ماڻهو سرنديء وارن کان ڀتو وصول ڪري رهيا هئا،
سوال آهي ته ڇا ان آپريشن کي فقط ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاء ڪيو ويو جيئن ماڻهن ۾ خوف و حراس پکڙجي يا انهن ايجنٽن کي مشهور ڪرڻو هو جن کان ماڻهن کي خوف ڏيارڻو هو۽ سڃاڻپ ڪرائڻي هئي ۽ انهن کي انهن سردارن جو پٽو پارائڻو هو جيئن اهي انهن جا ڪارندا ٿي هر اهو ڪم جن جو کين حڪم صادر ڪيو وڃي،
جنهن ۾ اهم ڪم هڪ ٻئي جي برادرين کي خون سان لت پت ڪرڻ ۽ جاني و مالي نقسان پهچائڻ کانسواء ٻيو ڪونهي۔
آخر 30 ميٽرن جي سرحد کانپوء هنن کي ائين ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڇو ٿي ٿئي۔ان سان گڏ پنجاب جي سرحد به آهي اتي ڪارو قانون يا اهڙيون ڪاروايون ڇو ڪونهن،
پنجاپ مان بنا ڪانوائي جي سفر ڪجي ٿو ڪشمور ۾ داخل ٿيڻ سان ڪانوائي رائج ٿئي ٿي آخر ڇو؟هڪدم رينجرس آرمي پوليس جي موجودگي، حفاظت جا بيجا انتظام، پوء به ڪير محفوظ نه، اهيو سڀ ڇا آهي؟هر روڊ رستي تي چيڪ پوسٽون،ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رسته يا مختلف شهرن ڏانه ويندڙ رسته سج لهندي ويران،رات جو سرڪاري عملدارن جي اجازت کانسواء ڪو چرپر نه ڪري سگهي ان جي باوجود به ڌاڙا ،اغوا ،ڦرون معمول بنيل۔ اهيو ڇاآهي؟
درجي وائيز ضلع اثرانداز ڪيا ويا آهن،ڪشمور جيڪب آباد،شڪارپور،لاڙڪاڻو، دادوانهن تي خاص توجه ڏني ويئي آهي،جتي سرڪاري طرح ڪابه انڊسٽري ڪانهي،علم جو در بند آهي،اصلحي منشيات جو کلي عام وڪرو آهي،برادرين جا جهيڙا عام آهن ،قتل و غارتگيري عام آهي ۔انسان جي ڪا قيمت ئي ڪونهي ،قانون مذاق ڪرڻ لاء آهي،جيڪو شريف ماڻهن کي خاموش ڪرڻ لاء قائم ڪيو ويو آهي۔سياسي باندر بقايا عوام کي ڍيٻڪي جو ناچ ڏيکاري خوش ڪري رهيا آهن پنهجن ڪارندن کي سنڌ جو مال مالِ غنيمت سمجهي ونڊي رهيا آهن۔ڪو حساب ڪونهي سنڌ کي بيگانو سمجهي لٽي رهيا آهن،ڪو قانون هنن لاء ڪونهي،ڪا بندش ڪانهي ڪا سرحد ڪانهي؟!!!!!!!!!!!!!!!
هڪ پوري جنريشن تباه ٿي چڪي آهي،۽ هي سياسي ٺڳ معصوم ماروئڙن کي پنهجو ذاتي ووٽر بنائڻ لاء جاهل کان جاهل بنائڻ جي ڪوشش ۾ سنڌ ڌرتي جي سپوتن کي هڪ ٻئي سان نفرت ۽ جنگ لاء آماده ڪري پاڻ حڪمراني ڪري رهيا آهن،هتي بيگناه رت پيو ٿو وهي ۽ هي پنهجي ملڪيت کي وڌائي سنڌ مان لٽي ٻاهرين ملڪن ۾ منتقل ڪري رهيا آهن،ان يقين تي ته جڏهن وقت آيو اسان پنهجي گهر هليا وينداسين۔هنن پنهجا گهر ئي سنڌ کان ٻاهر ٺاهيا آهن اهي سنڌ جا ڪيئن ٿا ٿي سگهن،
سنڌ جي سينڌ کي پنهجي محنت سان سرسبز ڪندڙ ماروئڙا اڄ پنهجي ٻنيء کي پاڻي پيارڻ لاء پريشان آهن،انهن تي وري سنڌ جا لکيا پڙهيا انجنيئر صاحبان پنهجي دولت کي وڌائڻ جي روش ۾ رڌل پنهجي کاڌ کوراڪ جي وسيلي کي کپايو عياشين ۾ سڀ ڪجهه برباد ڪري رهيا آهن،
غريب مسڪين ماڻهن لاء بنيل سرڪاري اسپتالون پنهجن سنڌي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب سهولتن کان اڻلڀ انسانن جو ڪوس گهر لڳيون پيون آهن ،جڏهن ته انهن ئي ڊاڪٽرن جو ذاتي اسپتالون غريب مسڪين ماڻهن لاء بچيل پونجي ڦرڻ جو ذريعو بڻيل آهن،
علم کان محروم اسڪول بهترين بلڊنگن سان ڀوت بنگلن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن جن ۾ علم سيکارڻ وارا استاد سياست جي ٺوڳي ٽولي جي سرپرستي ۾ پنهجي پيغمبري پيشي کي ڇڏي،پنهجي پگهار جي پٺيان ڪاهي پيا آهن۔
لوڀ ۽ لالچ جي پويان ڊڪندي چند مفادن خاطر پنهجي قوم جي نسلن کي فارمي ڪڪڙ بنجڻ جي تربيت ڏئي رهيا آهن۔علم اسان جي سنڌ جي زينت هو،ڪو وقت هو جڏهن پاڪستان ۾ هر وڏي عهدي تي هڪ سنڌي افيسر فائض هو،اڄ سنڌ جي لاء تعليمي ادارا بند ڪرڻ جا سانباها ڪيا ويا آهن،۽ سنڌي ماڻهن کي وڏن درسگاهن ۾ داخلا لاء معزور بڻايو ويو آهي،سو به ڪڏهن جڏهن ملڪ پاڪستان جا حڪمران سنڌي هئا،سٺي منظرڪشي آ تاريخ ۾ سنڌين جي جيڪا ايندڙ نسلن کي ڏني ويندي،
روڊ ٽرانسپورٽ يا ڪو به ڪاروبار عام ماڻهو کي سوا منٿلي ڏيڻ جي محفوظ ڪونهي۔
زراعت کاتي۽ اريگيشن وارن سنڌي ماڻهن جي رهيل ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لاء هرممڪن ڪوشش ڪري واهن کي ۽ شاخن کي هٿرادو کوٽ ڏئي پنهجاکيسا گرم ڪرڻ لاء اجتماعي طور فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ کان ڪڏهن به ڪو نه ڪيٻايو،۽ وڏي شان سان پنهجي قوم جي قوت کي هٿ وٺي ڪمزور ڪري پنهجي ديش پرستي جو ثبوت ڏيندا ٿا اچن،انهن کي خبر آهي ته اسان جي بقا وقت جي وڏيرن جي غلامي ڪرڻ آهي نڪي هن ملڪ جي ماروئڙن جي خدمت۔
ننڍ پڻ جي سوچ ۾ هميشه خيال هوندا آهن ته لکي پڙهي قوم جي خدمت ڪندس۔
پر وڌي وڏي ٿيڻ کانپوء ڀتين ۽ بنگلن کي سينگارڻ جي شوق ۾ مسڪين ماروئڙن جو جهُڳو ئي چٽ ڪرڻ لاءهر قدم کڻڻ لاء تيار آهن۔
اڄ جي تعليم جي اثرن کي ڏسندي ذهن اهيو ئي ٿو قبولي ته هي تعليم نه پر گهري سازش آهي جيڪا انسان کي گنهگار بنائڻ جو شعور ڏئي ٿي،۽ خدمت نه پر ظلمت جي دڳ لائي ٿي،انهيء روش ۾ سڪن سان گڏ ساوا به سڙي ڀسم ٿي وڃن ٿا۔
افسوس جو اڄ هن ڌرتي تي راڄ ڪندڙ قانون جا رکوالا چورن جا دوست ۽ ڀاڳين جا ويري ٿي پنهجي قوم کي بد امنيء جي ور چاڙهي چند نوٽن جي چمڪ تحت پنهجي ضمير کي وڪڻڻ تي مجبور ڪن ٿا،ان گناه کي لڪائڻ لاء تڪبر،ڏهڪاء کي پنهجو ساٿي بنائن ٿا،جنهن سان هنن جي زندگي الله پاڪ ۽ ان جي حبيب صلي الله عليه وسلم جن جي حڪمن جي بلڪل ابتڙ گزري ٿي ۽ خوف جي علامت بنجي الله جي معصوم بندن کي بجاء انصاف ڏيارڻ جي رهزنن جي حوالي ڪري ظالم جي اڳيان جهڪڻ تي مجبور ڪندا رهن ٿا۔
ڇا اهي اسان مان ناهن!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!۔؟سُڪَن سان گڏ ساوا به سڙي وڃن ٿا۔
مس هاڻي قوم جي ماڻهن پنهجو پاڻ کي ڪنهن طرح پنهجي حقن کي حاصل ڪرڻ جي سُڌُ ڌاري ته هاڻي انهن کي انهن جي وطن کي يرغمال بڻائي ۽ بلڪل يتيم ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي،
پر سائين اسان پنهجي حياتي هنن خواهشن کان دور لطيف سرڪار،سچل سائين جي سبقن تحت وطن تان وارڻ لاء آڇون ٿا،اگر هن راه ۾ اسان کي ڪاميابي ملي ته اسان جي جيئڻ جو حق ادا ٿي ويندو اگر اسان ناڪام رهياسين ته يقينن ڪا چڻنگ دکائي وينداسين،
اسان کي سمجهايو ته اسان جو دشمن ڪير آهي؟
اسان کي ٻڌايو ته اسان پهرين ڪنهن سان وڙهون؟
اسان کي دڳ ڏيو ته اسان پاڻ ۾ ڪهڙيون تبديلي آڻيون۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟     

3 comments:

  1. اکيون کولي ڇڏيندڙ سوال ڇڏيا آهن اوهان سائين۔۔ اميد ته هي بلاگ اپڊيٽ ڪندا رهندا۔۔

    ReplyDelete
  2. سجاد علي سائين اوهان جي وڏي مهرباني هي اوهان جي ڪاوشن جو نتيجو آهي اوهان لاء هر وقت دعاگو رهندس،اوهان جي همٿ افضائي ۽ رهنمائي قومي شعور ۽ جاڳرتا ڏانهن لاڙي رهي آهي ۽ پنهجا جذبا هن ڌرتي لاء ارپڻ ،ارمان بنجي چڪو آهي اوهان جو ساٿ اسان جي حيات آهي الله پاڪ اوهان کي پنهجي حفظ و امان ۾ رکي

    ReplyDelete
  3. اوهان جو بلاگ سنڌي بلاگ ايگريگيٽر تي شامل ڪيو ويو آهي. ٻيا بلاگ شامل ڪرڻ لاءِ اسان جي رهنمائي هيٺين لنڪ تي ڪيو.
    http://sba.iacc.edu.pk/?page_id=323

    ReplyDelete